اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي بئنڪ مينيجر انساني بنيادن تي صدر مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي درخواست ڪئي هئي، بئنڪ مينيجر تي هراسيت جو الزام ثابت ٿيڻ تي ن??ڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئوف مينيجر نعيم اقبال جي خلاف بئنڪ کي هراسيت جي شڪايت ڪئي هئي، تفصيل موجب بئنڪ انڪوائري ۾ نعيم اقبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هراسيت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نعيم اقبال کي بئنڪ برطرف ڪري ڇڏيو، نعيم اقبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هراسيت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني، محتسب نعيم اقبال کي ن??ڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري تان برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نعيم اقبال صدر کي انساني بنيادن تي سروس ۾ بحالي ۽ محتسب جو فيصلو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، صدر هراسيت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چي?? ته معزز محتسب سزا کي ”نوڪري تان برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ ۾ بد??جي چڪو، درخواستگذار محتسب جي حڪ?? ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار هراسيت جي روڪٿام واري محتسب جي حڪ?? کي بدلائڻ لاءِ ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان لاءِ درخواست گذار جي ن??ڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.