اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي جي جلد لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي سستي تعليم مان فائدو کڻڻ لاءِ يونيورسٽيون ورچوئل تعليمي عمل کي وڌائين، ٽيڪنيڪي خال ڀرڻ ۽ تيز رفتار ت??قي لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آءِ ٽي تعليم تي ڌيان ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) تي بريفنگ جي دوران چيو ته غير ملڪي يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي پيشيوراڻي ت??قي ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ نيوٽيڪ جي فيڪلٽي ميمبرن، ايڇ اي سي جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته يونيورسٽي ملڪ جي نوجوانن کي اعليٰ معيار جي ٽيڪنيڪي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ٽيڪنيڪي خال ڀرڻ ۽ تيز رفتار ت??قي لاءِ يونيورسٽيون اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آءِ ٽي تعليم تي ڌيان ڏين، ريڪٽر نيو ٽيڪ ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد اصغر انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ تعليمي پروگرامن تي بريفن?? ڏني. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ هٿرادو ذهانت، روبوٽڪس، انجنيئرنگ ۽ آءِ ٽي جي ٻين شعبن ۾ پروگرام شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺ??هي?? آهي. اجلاس کي مستقبل جي منصوبن ۽ آن لائن ايجوڪيشن سپورٽ سسٽم جي تياري جي باري ۾ به بريفن?? ڏني وئي.