اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪر?? جي لاءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائ?? جي ??رو??ت آهي، ميڊيا خانداني منصوبابندي تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ميڊيا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سيريلز ۾ آبادي جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آبادي جي مناسب انتظام جي لاءِ پارلياماني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ??رو??ت آهي. هن چيو ته عوامي آگاهي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي تي پارلياماني ڪاڪس جي ڪارر??ائ?? کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي ملڪ ۾ آبادي جي ڳڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪري. هن چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رک?? جي ??رو??ت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي صحت واري خاص م??اون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، آبادي ۾ اضافي سان نئين نسل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.