اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ??ه طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، روس ۽ يوڪرين کي ڳالهين سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خا?? جي روس جي دوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جو روس جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تڪرار?? بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قومي مفادن کي مٿانهون رکندي سفارتي سطح تي اسان کي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي ??هي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي دوري جي ٽائيمنگ تي سوال اٿاريندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته وزيراعظم وڏي مئچ جو وڏو رانديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي افغانستان ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، اسلام?? فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خا?? انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، نه پاڪستانين کي جهڪڻ ڏيندو.