اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين شهباز شريف، آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته انهن جي مُلاقات ڏسو انهن جا چهرا ڏسو، اهي عمران خان کي هٽائي پنهنجي اولاد ۽ مال جو سوچيندا يا قوم جو؟. پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته سڀ ڦورو پاڪستان کي ڦرلٽ جو مال سمجهن ٿا انهن سمورن کي جيلن ۾ هجڻ گهرجي نه ڪي انهن کي اها اجازت ڏني وڃي ته اهي ملڪ ج?? خلاف سازشون ڪندا وتن.