اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ حڪومت جي مع??ونت کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراه??ند?? چيو ته ان بحران دوران پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي ملڪن کان تمام گهڻي بهتر رهي آهي، بئنڪ پاڪستان جي مع??شي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڪوششن ۾ مع??ونت جار?? رکندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته بئنڪ پاڪستاني معيشت جي واڌويجهه کي تيز ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مع??ونت جار?? رکندي.