اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار محمد ??هباز شريف نئون وزيراعظم چو??ڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چو??ڊجي ويو، پينل آف چيئرمين اياز صادق قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي چو??ڊن جي لاءِ مقرر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق اعلان ڪيو ته محمد ??هباز شريف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي چو??ڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا، اهڙي طرح شهباز شريف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميدوار هو، نئون چو??ڊيل وزيراعظم محمد ??هباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي، محمد ??هباز شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چو??ڊيو ويو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير ٿيو. 2008ع ۾ چو??ون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چو??ڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيو ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير رهيو، مئي 2013ع جي عام چو??ڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽنهي سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چو??ڊجي ويو. شهباز شريف 2018ع ۾ به قومي اسيمبلي ميمبر چو??ڊجي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ 10 اپريل 2022ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو.