اسلام آباد – 19 – اپ??يل (اي پي پي) نئين وفاقي ڪاب??نا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي نون وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن وفاقي ڪاب??نا جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي ڪاب??نا ۾ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي، جمعيت علماءِ اس??ام (ف)، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي. نئين ڪاب??نا ۾ جن وزيرن کي وفاقي وزير جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خان، مر??م اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اس??اعيل، ميان جاويد لطيف، رياض حسين پيرزاده، مرتضيٰ جاويد عباسي، اعظم نذير تارڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، شيري رحمان، عبدالقادر پٽيل، شازيه مر??، سيد مرتضيٰ محمود، ساجد حسين طوري، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسعد محمود، عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ محمود، سيد امين الحق، سيد فيصل علي سبزواري، محمد اسرار ترين، نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ طارق بشير چيما شامل آهن. ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خان ڪانجو کي ڪاب??نا ۾ مملڪتي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن. ڪاب??نا ۾ قمر زمان ڪائره، انجنيئر ??مي?? مقام ۽ عون چوڌري کي صلاحڪارن جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو آهي. نئين وفاقي ڪاب??نا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادين پارٽين جي سربراهن سان ڪاب??نا جي جوڙجڪ لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪاب??نا کي حتمي شڪل ڏني وئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپ??يل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اس??مبلي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊ ڪئي هئي.