اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مرحوم عبدالستار ايڌي جي گهرواريءَ بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀا??ين کي صبر جميل عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مرحومه جي گهرڀا??ين سان تعزيت جو اطهار ڪريان ٿو، مرحومه بلقيس ايڌي جي سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ٻئي طرف سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آف??يدي پڻ بلقيس بانو ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.