اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سعودي ??رمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پن??نجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري د??را?? پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ??لي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي ??رمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پن??نجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ??يم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ??يم گڏيل عرب امارات جي دوري د??را?? ولي عهد شهزاده ??حم?? بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، ??اپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.