اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت 45 مهينن ۾ م??ڪي تاريخ جي 71 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان و??يڪ 79 سيڪڙو قرضن ۽ رهتن ۾ اضافو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو ته رڪارڊ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪل م??ڪي قرض 24953 ارب رپين مان وڌي 44366 ارب رپيا ٿي ويو، جيڪو 78 سيڪڙو اضافو آهي. هن چيو ته مجموعي قرضن کانسواءِ رهتون 79 سيڪڙو اضافي سان 29879 ارب رپين مان وڌي 53544 ارب رپيا ٿي ويون. هن و??يڪ چيو ته پي ٽي آءِ گذريل 71 سالن ۾ شامل سمورن قرضن ۽ رهتن ۾ 3.75 سالن ۾ 79 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.