اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزي?? حنا رباني کر سان انڊونيشيا جي سفير آدم توڪيو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزي?? حنا رباني ملاقات ۾ انڊونيشيا سان پاڪستان جي ڀائراڻن ۽ تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي وڌا??ن، گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سميت اعليٰ سطحي دورن ۽ رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.