اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف آبادگارن کي ترجيحي بنيادن تي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌارا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ زرعي شعبي جي سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾و فاقي وزيرن طارق بشير چيما، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، خاص معاونين احد چيما، محمد جهازين خان جڏهن ته سمورن صوبن جي زراعت سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زرعي سڌارن جي لاءِ مختلف شعبن جي 8 سب ڪميٽين جون و??ير??عظم کي سفارشون پيش ڪيون ويون، انهن سفارشن ۾ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ٺوس منصوبابندي شامل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي و??ير??عظم چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي آبادگارن کي ضروري سهولتون فراهم ڪندي. حڪومت آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي وقت سر معياري ٻج، ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائيندي. آبادگارن کي غيرمعياري ٻج ۽ زرعي دوائُون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جو خاتمو ڪيو ويندو. و??ير??عظم چيو ته مقامي سطح تي معياري ٻج جي پيداو??ر جي لاءِ زرعي تحقيقي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. حڪومت آبادگارن کي جديد مشينري ۽ قرضن ۾ سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندي. حڪومت ڪڻڪ ۽ زرعي جنسن کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي تعمير تي ڪم ڪندي. ڪڻڪ جي فصل جي پوکيءَ کان اڳ پيداوار ۾ في ايڪڙ يقيني بڻائڻ جا قدم کنيا وڃن. و??ير??عظم چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته زرعي شين تي حڪومت پاران سبسڊي آبادگارن تائين پهچي. زرعي منصوبابندي جي دوران موسمياتي تبديلي جي اثرن کي ??ڻ نظر ۾ رکيو وڃي. آبادگارن کي زراعت جي عالمي سطح تي لا??و جديد طريقيڪار کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ ٺوس آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ و??ير??عظم کي ڪڻڪ، ڪپهه، کاڄرو تيل، ڀاڻ، زرعي تحقيقي، زراعت ۾ پاڻي جي استعمال، موسمياتي تبديلي ۽ زرعي مشينري جي حوالي سان قائم سب ڪميٽين تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ اڳتي ڪڻڪ، ڪپهه ۽ کاڄرو تيل جي پيداو??ر جي لاءِ قدمن، آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي جديد مشينري، يوريا ۽ ڊي اي پي تي سبسڊي، متوقع پيداوار ۽ درآمدي معياري ٻج، پاڻي جي بهتر استعمال ۽ آبادگارن کي ??قت سر قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سفارشون ڪيون ويون. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل وزارتن کي انهن سفارشن مان ايندڙ فصل جي لاءِ هنگامي بنيادن تي زرعي سڌاراجاتي پلان جوڙين. و??ير??عظم 2 ڏينهن جي اندر ان پلان کي ??يش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم تمام جلد ملڪ ۾ زرعي سڌارن جي لاءِ ٺوس منصوبي جو اعلان ڪندو جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال، ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ زرعي جنسن جي درآمد ۾ گهٽتائي ٿيندي.