پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) بجلي واري ??فا??ي وزير خرم دس??گير خان چيو آه?? ته ڪي پي ڪي جي اٽڪل سڀني ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آه??. سوات ۽ـ باجوڙ جي ڪجهه ٻوڏ سٽيل علائقن کانسواءِ ڪي پي ڪي جي سڀني ضلعن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آه?? جنهن ۾ پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدار ۽ فيلڊ اسٽاف تعريف جا حقدار آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر گرڊ اسٽيشنز، فيڊرز، ٽران??مي??ن لائنن ۽ ٿنڀن ??مي?? بجلي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن جي حوالي سان پيسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته مٿاهين سوات ۽ باجوڊ جي باقي رهيل ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جلد کان جلد بجلي بحال ڪئي وڃي. هن چيو ته 9 بند ??رڊ اسٽيشنن مان 6 گرڊ اسٽيشنن تي بجلي بحال ڪئي وئي آه??، اهڙيءَ طرح صوبي ۾ 126 متاثر ٿيندڙ فيڊرز مان 121 فيڊرز کي بحال ڪيو ويو آه??. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور پهتل ??فا??ي وزير چيو ته تباهه ٿيل بجلي جي ٿنڀن ۽ ٽران??مي??نن لائنن کي ترجيحي بنيادن تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو . هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 ارب رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آه?? ته جيئن متاثر آباديءَ کي رليف فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف جي فراهميءَ لاءِ قومي پاليسي بڻائي ويندي. هن چيو ته ڪي پي ڪي کانسواءِ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آه??. هن چيو ته بجلي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ ريڪوري وڌائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.