ڪراچي – 12 سي??پم??ر(اي پي پي) پاڪ فضائيه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه جا هوائي ٻيڙه ۽ هيليڪاپٽرن ٻوڏ متاثرين کي محفوظ انخلا سميت کادي پيتي جي سامان ۽ طبي سامان جي ايئر ڊ??اپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون ٻوڏ متاثرن جي مشڪلات کي گهٽ ڪر?? لاءِ فلڊ ريليف ڪيمپ?? ۾ ??سلسل طبي امداد فراهم ڪر?? لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خاندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي جي علاوه پاڪ فضائيه جي فلڊ ميڊيڪل ڪيمپ?? ۾ ??يڊيڪل ٽيمن 1389 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو آهي.