نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ج?? بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستا?? جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثري?? جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستا?? جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر ج?? بائيڊن سان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين ا??لا?? جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر ج?? بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ متاثري?? جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستا?? جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستا?? جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.