ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ ??ي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين، اين ايچ اي اختي??ري??ن قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، سکر حيدرآباد موٽروي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ ??يد مراد علي شاهه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، اين ايچ اي اختي??ري??ن، موٽروي پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر حيدرآباد موٽروي جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ اين ايچ اي اختي??ري?? سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته موٽروي پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ ??ي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين ايچ اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي شاهراهه شديد متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪو??شن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ ??ي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي شاهراهن جي بحالي اين ايچ اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اين ايچ اي اختي??ري??ن قومي شاهراهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪو??شون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪو??شن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪو??شن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي.