اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ پاران گهٽ ترقي يافته مسلمان م??ڪن ۾ هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي افغانستان ۾ شاگ??دن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم جي فراهمي تي ??ور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين تعليمي خدمتن جي فراهمي جي ??ڇ ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي سائنسي ۽ فني تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت وزارتي ??سٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڪامسٽيڪ تي ??ور ڏنو ته اها افغانستان ۾ شاگ??دن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم فراهم ڪري، رڪارڊ شده سبق ۽ تربيتي ڪورس افغان شاگ??دن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين تعليمي خدمتون پڻ پيش ڪري سگهي ٿو، انهن قدمن سان افغانستان کي درپيش تعليمي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ٻين اسلامي ملڪن ۾ سائنس ۽ زراعت جي شعبن ۾ بهترين طريقن کي ماڊل جي طور تي ??ختيار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ ان جي نقل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائم منسٽر ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جو ه?? ڪامياب ماڊل آهي، ڊيجي اسڪلز پروگرام کي ٻين مسلمان م??ڪن ۾ نقل ڪري سگهجي ٿو. صدر قازقستان جي شاگ??دن کي 20 فيلوشپس/ اسڪالرشپس ڏيڻ جي قدم کي ساراهيو. هن فلسطين جي شاگ??دن جي لاءِ 50 خصوصي اسڪالرشپس/ فيلوشپس جي قدم پڻ ساراهيو. صدر چيو ته 2023ع جي ٻئي حصي ۾ ڪامسٽيڪ جي 16 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي انعقاد جي تجويز تي ??ور ڪرڻ گهرجي. هن گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ شاگ??دن کي هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪيترن ئي مسلمان م??ڪن ۾ ڪامسٽيڪ پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو.