اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌ??دا رهنداسين، پاڪست??ن جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملن??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي شجاعت ۽ بهادري تي سلام پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌ??دا رهنداسين. پاڪست??ن جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملن??ي. ??ن چيو ته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ ت??زي?? جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.