اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چي?? آهي ته لالا عبدالطيف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز شريف عبدالطيف آفريدي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چي?? آهي ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ بهادر سياسي اڳواڻ هو. مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي حمايت تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو، هو حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. وزيراعظم ان ڳال??ه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ سگهارو آواز خاموش ٿي ويو. وزيراعظم چي?? ته لالا عبدالطيف آفريدي جي سياسي، قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. هن دعا ??ئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان کان اڳ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عبدالطيف آفريدي جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.