اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي ??مغه 2022ع جي نالي ??ان نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري اعزاز ايڪٽ 1975ع تحت ڏني آهي. پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي ??مغو 2022ع پاڪ فوج، سول فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ ??دم??ن ۽ قربا??ين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين طور تي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??دم??ن ۽ قربا??ين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو. ا??و تمغو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه 14 آگسٽ 2022ع کان نا??ذ العمل هوندو.