اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي س??مان کڻي خصوصي جهاز اڄ رات 10 وڳي ترڪيه روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي 130 جهاز چڪلالا ايئربيس تان آرمي س??چ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي سڌو ترڪيه جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ پهچندو. 7 فيبروري جي صبح پي ??ءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سامان ترڪيه روانو ٿيندو. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار به شامل آهن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 جهاز 7 ٽن امدادي س??مان کڻي استنبول روانو ٿيندو. امدادي س??مان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. 8 فيبروري تي پي ??ءِ اي جي اڏامن جي ذر??عي اسلام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي س??مان ترڪيه ۽ شام موڪليو ويندو. صحت واري وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام موڪليون وينديون.