اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آئيوري ??وس?? معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آئيوري ??وس?? جي پارلياماني وفد قومي ا??يمبلي جي صدر اداما بگٽو گو جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي ا??يمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اش??ف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان آئيوري ??وس?? کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عم?? ۾ ??ڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آئيوري ??وس?? جي واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جو دورو ڪن ۽ هتي دستياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح تي ا??مينان جو اظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان 2004ع کان 2017ع تائين يو اين او سي آئي تحت آئيوري ??وس?? ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين آئيوري ??وس?? جي ا??تحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي. هن آئيوري ??وس?? جي قومي ا??يمبلي جي صدر کي اهو به چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر وفد سان آئيوري ??وس?? جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفد جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي ا??اما بڪٽو گو چيو ته ان جي ملڪ جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن صدر کي پنهنجي ملڪ پاران پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا.