اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن جي باقي کيپ جي تياري ۽ پهچ 23 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خيما فضائي رستي موڪليا وڃن، نئين خيمن جي معيار کي نظرانداز ڪرڻ کانسو??ءِ گهٽ کان گهٽ اگهن تي تيار ڪيو وڃي، ترڪيه ۾ موڪليا ويندڙ خيمن جو معيار جانچڻ جي ل??ءِ ٿرڊ پارٽي ويري فڪيشن يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪسٽم عملدارن کي امداد?? سامان جي فوري پهچ جي ل??ءِ هوائي اڏن تي خصوصي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان شام جي زلزلي متاثرين جي مدد انساني همدردي جي بنياد تي ڪري رهيو آهي. تعليمي ادارن ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي سٽيلن جي ل??ءِ فنڊ ريزنگ کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي ل??ءِ پاڪستان پاران جاري امدادي ڪاررواين تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي سٽيلن جي ل??ءِ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوال?? سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران هن وقت تائين مجموعي طور تي زلزلي متاثرين جي ل??ءِ 8 هزار کان وڌيڪ سرديءَ کان بچاءُ وارا تنبُو جڏهن ته 37 هزار کان وڌيڪ ڪمبل موڪليا ويا آهن. پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي اڏامن ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل 8 کان 16 ٽن امداد?? سامان ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي ل??ءِ موڪليو پيو وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 28 فيبروري 2023ع تي پاڪستان نيوي هڪ سامونڊي جهاز اٽڪل هڪ هزار ٽن امداد?? سامان کڻي شام ۽ ترڪيه روانو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شام جي متاثرين جي ل??ءِ جنريٽرز، خشڪ راشن، ??وا??ون جڏهن ته ترڪيه جي متاثرين جي ل??ءِ سرديءَ کان بچاءُ جا خيما ۽ ڪمبل شامل آهن. ان کانسو??ءِ 21 اين ايل سي جي ٽرڪن جو قافلو 251 ٽن امداد?? سامان کڻي 25 فيبروري 2023ع تي ترڪيه جي شهر ملاطيه پهچي ويو آهي. اجلاس کي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاران سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن جي تياري جي حوال?? سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انهن خيمن جي تياري ۽ پهچ کي 23 مارچ تائين مڪمل ڪري 60 هزار خيما فضائي رستي ذريعي ترڪيه موڪلڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ گير امدادي مهم بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته مختلف خيراتي ۽ انساني همدرديءَ جي تنظيمن پاران اين ڊي ايم اي جي ڪليڪشن سينٽرز تي جمع ٿيندڙ شين کي زميني ۽ فضائي رستي ذريعي ترڪيه ۽ شام موڪليو پيو وڃي جن ۾ گرم ڪپڙا، ??وا??ون، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون، جنريٽرز وغيره شامل آهن. اجلاس کي موڪليو ويندڙ راشن جي تفصيلن ??ان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ترڪيه ۽ شام ۾ پاڪستان جي سفيرن امدادي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. شام جي سفير پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ مدد جي مثبت ردعمل ۽ شام ۾ پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول جي ٻارن پاران هڪ امدادي ٽرڪ ۽ 2 ڪروڙ سيرئين پائونڊ جي امداد جي حوال?? سان پڻ آگاهه ڪيو. ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير اجلاس کي ٻڌايو ته ترڪيه ۾ هاڻي سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن ۽ ڪمبلن جي سخت ضرورت آهي. هن ٻڌايو ته امدادي سرگرمين کي منظم رکڻ جي ل??ءِ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفارتخانو ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، شام ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.