اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڻڪاري مهم تي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي ??ڌائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن، عورتن کي تعليم يافته، هنرمند ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم گهرج آهي، عورتن کي تعليم ۽ صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعب?? سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ عورتن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون باصلاحيت آهن ۽ انهن کي ??وقعا ملڻ تي آرٽ سميت مختلف شعبن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. خاتون اول چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مرد?? سان گڏوگڏ عورتن کي به موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو ته فلورل آرٽ هڪ شوق ئي نه پر ذهني صحت جي لاءِ به ضروري آهي، ساوڪ سان توهان تازگي جو احساس حاصل ڪريو ٿا ۽ اها بي چيني ۽ پريشاني کي ختم ڪري ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته ساوڪ سان ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ان جي ماحول تي مثبت اثر پون ٿا. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ساوڪ کي ??روغ ڏين ڇو ته ا?? سان ماحول کي ??ت??از?? رکڻ ۾ مدد ملي ٿي، پاڪستان جي شهرن ۾ ساوڪ گهٽ آهي ۽ ان قدم سان پاڪستان جي خوبصورتي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ ۾ مدد ملندي. خاتون اول وڻڪاري مهم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي ??ڌائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم لازي آهن، ??نهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ عورتن ۽ نوجوانن کي ??نهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آئون به فلورل آرٽ جي ميمبر آهيان، عورتون پنهنجي ڪوشش?? سان مهارت ۽ تخليق فن کي ??ڌائي سگهن ٿيون جڏهن ته باغباني کي ??روغ ڏيڻ گهرجي. بيگم ثمينه عارف علوي نمائش ۾ رکيل فلورل آرٽ جا نمونا پڻ ڏٺا ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.