اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪار?? وڌائڻ ج?? لاءِ قدم کنيا وڃن، پ??ڪس??ان ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ايشيائي رياستن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پ??ڪس??ان وچ ايشيا سان سياسي، اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 توانائي منصوبو وي??ن وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? پ??ڪس??ان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، تاجڪستان ۾ پ??ڪس??ان جو سفير توانائي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير تاجڪستان ۾ پ??ڪس??ان جي اميج کي بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي رابطا قائم ڪرڻ ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو ت?? تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ڀارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو ت?? ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد سرور کي تاجڪستان ۾ بطور پ??ڪس??ان جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ت?? نامزد سفير ڀائر ملڪ تاجڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ج?? لاءِ ڪم ڪري.