لاهور- 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي ٽيليفون ڪئي ۽ ع??دالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر اڪرم دراني کي به فون ڪئي ۽ ع??د جي مبارڪ ڏني. سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظ??ار ڪ??و.