اسلام آباد ??? 31 – مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري ان??ارالحق زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرداري هائوس اچڻ تي وزيراعظم چوڌري ان??ارالحق کي پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عو??م جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي ع??لمي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي ان??ن جي خودمختياري جو حق ڏياري سگهجي.