اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان علائقي ۾ انساني حق?? جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزي?? جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي م??صف??ڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. تازن ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فورس راجوڙي، ڪپواڙه ۽ بارهه مولا جي ضلعن ۾ 6 ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو. جڏهن ته ر??جوڙي ۽ پونڇ ضلعن ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون. ان دوران مقامي آبادي کي خوفزدهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبصي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگڙي جا 6 دڪان ضبط ڪري ورتا آهن. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن.