اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي ميمبرن چيو آهي ته اسان جو آئين عدل ۽ انصاف جي ضمانت ڏي ٿو، آئين کان مٿانهين قانونن آئين کي داغدار ڪيو. قومي اس??مب??ي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي پارلياماني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي قومي اس??مب??ي جي مي??بر خالد مقبول صديقي چيو ته عالمي امن کي هن وقت پاڪستان مان نه پر هندستان مان خطرو آهي، اسان کي هندستان کان وڌيڪ پاڪستان جي طرف ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته آئين پاڪستان جا 50 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، 50 سال اسان 50 کان گهٽ ترميمون ڪيون آهن، اهي ترميمون قومي مفادن تحت ڪيون ويون. قومي اس??مب??ي مي??بر محسن شاهنواز رانجها چيو ته آئين پاڪستان سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙن کي حق فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ مستقبل جي سمورن چئلينجن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پارلياماني مباحثن سان آئين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. قومي اس??مب??ي جي مي??بر سيد نفيسه شاهه چيو ته پاڪستان کي عدالتي، سياسي، معاشي ۽ امن امان جا بحران درپيش آهن، پارليامينٽ عدالتي تجويزن خلاف بيٺل آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 245 تي عمل ٿيو، ٻن صوبن ۾ فوج گهرائي وئي. قومي اس??مب??ي جي اڳوڻي مي??بر آسيه ناصر چيو ته بنيادي حق آئين جي عين موجب آهن. پاڪستان جي آئين ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ويون آهن، آئين جي سامهون سمورا مرد ۽ عورتون برابر آهن، مذهب جي آزادي به بنيادي انساني حق آهي.