اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تن??يم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن فوڊ سيڪيورٽي، توانائي ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ س??هه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تن??يم روس سان تعاون ۽ هم آهنگي جا نوان موقعا کوليا آهن.