اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن ج?? انساني حقن واري ڪائونسل جي ”امتيازي سلوڪ، دشمني يا تشدد تي اتساهيندڙ مذهبي نفرت جي خاتمي جي عنوان سان قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان گڏيل قومن ج?? انساني حقن واري ڪائونسل جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن او آءِ سي پاران پاڪستان پاران پيش ڪ??ل قرارداد جي حمايت ڪئي. هن چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جهڙن واقعن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، سموريون مذهبي علامتون، مقدس شخصيتون ۽ آسماني ڪتاب سمورن عقيدن جي پيروڪارن جي لاءِ هڪ جهڙا مقدس آهن. وزيراع??م چيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي قرآن پاڪ کي ساڙڻ جهڙي ڪڌن ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي سرعام بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراع??م چيو ته مذهبي رواداري، تڪثيريت ۽ سمورن عقيدن جي احترام جي گڏيل قدرن جي تحفظ جي عزم تي اتفاق راءِ سان انسانيت جي بهتر خدمت ٿئي ٿي.