اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي س?نگل_کا_بادشاہ/121952.html">?ن بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بهار موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو. سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 5 لک ٻوٽا هنيا ويندا جن مان سوا لک ٻوٽا اڳ ۾ ??ي لڳايا ويا آهن. سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گادي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻيا ماحول دوست ٻوٽا هنيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسان سول سوسائٽي کي پڻ وڻڪاري مهم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪاري مهم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا ويندا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.