ا??لا?? آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ايف سان معاهدي تي وز??را??ظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي ميديا ونگ موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق به موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وز??را??ظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي ??ي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. وفد وز??را??ظم کي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده جي وفد وز??را??ظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي وز??را??ظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.