اسلام آ??اد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڏو قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملجم پراجيڪٽ سان پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ اهو اسان جي دوستي جي پائيدار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پا??ست??ن جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي سان سامونڊي واپاري سرگرميون ڪي??رائي ڀيرا وڌڻ واريون آهن ۽ ان سان سامونڊي شعبي ۾ توسيع جي لاءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پا??ست??ن ڪراچي کان گوادر تائين سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پاڻ کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جهاز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.