اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ ملڪ ۾ عوام لاءِ محفوظ ??احول کي برقرار رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ سلامتي ??ي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سع??د، بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سلامتي ??ابت معاملن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحفظاتي معاملن ۾ رياستي ??د عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن کي اثرائتي ??ريقي سان ڪتب آڻڻ لاءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي ج??ڙڻ اڻٽر آهي.