اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي عدم برداش?? کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي ??رو?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ بوهره ڪميونٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين برهان الدين نگران وزيراعظم کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم معاشري کي عدم برداش?? کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي ??رو?? لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ بوهره ڪميونٽي جي خدمت?? کي ساراهيو. وفد نگران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ بوهره ڪميونٽي جي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفد نگران وزيراعظم کي بوهره ڪميونٽي جي مختلف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهرست آهي. نگران وزيراعظم ملاقات ۾ لاڳاپيل ??مل??ار?? کي بوهره ڪميونٽي سان تعاون ۽ ا?? کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.