اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کان وڏو منصوبو ايم اي?? ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب ايم اي?? ون تي 6.7 ارب ڊالر جي مجموعي لاڳت ايندي جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل ا??فا?? ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان منصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي پر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊالر جي لاڳت سان شروع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل ا??فا?? ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ايم اي?? ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊالر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊالر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊالر هوندي. پهرين مرحلي ۾ ايم اي?? ون تحت نوابشاهه کان روهڙي، ملتان کان لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ۾ لاهور کان لالا موسيٰ، ڪيماڙي کان حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد کان ملتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. ??ڌي?? اهو ته ايم اي?? ون تحت راولپنڊي کان پشاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ايم اي?? ون جي مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هلنديو??. و??ضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن مان مطمئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ۽ ??ڌي?? امداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.