اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. اها ڳالهه هن بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر، بلوچستان حڪومت جي اڳوڻي ??رجمان ۽ سينيئر سياستدان فرح عظيم شاهه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ چونڊن سميت بلوچستان ج?? سياسي صورتحال تي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ??ه پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. هن چيو ??ه بلوچستان ج?? ترقي ۽ ڀلائي نگران حڪومت جي ذميواري آهي، بلوچستان ج?? ترقي کانسواءِ پاڪستان ج?? ترقي نامڪمل آهي. فرح عظيم شاهه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي قيادت ۽ قدمن تي مڪمل يقين ج?? اظهار ڪيو ۽ نگران حڪومت جي معاشي انتظامي پاليس??ن کي ساراهيو.