بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي ج?? پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي ج?? پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ هال آف ??يپ??ز پهتو جتي چيني صدر شي ج?? پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان نگران و??ير??عظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران و??ير??عظم سان گڏ آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال آف ??يپ??ز ۾ منعقد ان آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران و??ير??عظم آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.