اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غز?? جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين ??و قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي، اهو عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل کي ان ??ي جنگي ڏوهن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي ڇو ته هن غزه تي پنهنجي بمباري ۽ گهيراءُ جاري رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتگ??ون?? تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته اسرائيلي قبضي جي حامين کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غز?? جي ماڻهن جي خلاف دهشتگردي جي مهم هلائڻ ۾ اسرائيلي عملدارن کي ڇوٽ ڏي ٿي. نگران وزيراعظم غز?? جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي، عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن ??ي جنرل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان تي زور ڏنو هو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين ??و قتلام بند ڪري.