برسلز – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ڪائونسل اي يو جي چيئرمين علي رضا سيد چيو آهي ته عالمي برادري ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميرين جي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برسلز ۾ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي منعقد هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي ??لي رضا سيد چيو ته ڀارت گذريل 76 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو آهي. هر سال اسان ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايون ٿا ۽ احتجاج ڪريون ٿا. هن چ??و ته 76 سال اڳ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي سرزمين تي غيرقانوني حملو ڪري قبضو ڪيو هو جيڪو اڄ به جاري آهي. هن چ??و ته ڪجهه طاقتور ملڪ پنهنجي فوجي طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي ڪندي ڪمزور قومن تي قبضو ڪن ٿا جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجڻ گهرجي. علي رضا سيد چيو ته اسان عالمي برادري ۽ ع??لمي سول سوسائٽيز کان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.