اسلام ??باد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪوئيٽا جي شاگردي واري زماني جي اسڪول ٽيچر سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي اسڪول ٽيچر سان ملاقات جي حوالي سان هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي. ان وڊي?? سان گڏ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪوئيٽا جي شاگردي واري زماني جي اسڪول ٽيچر مس عذرا ناهيد سان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ منهنجي ملاقات ٿي جنهن جي ??فق?? ۽ ڪڏهن ڪڏهن سختي منهنجي شخصيت سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم پنهنجي ٽيچر جي انتهائي ادب ۽ احترام ۽ والهاڻي انداز ۾ آجيان ڪئي جڏهن ته محترمه عذرا ناهيد پڻ نگران وزيراعظم سان انتهائي ??فق?? سان ملي ۽ کيس نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.