برسلز – 29 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس ۽ يورپي يونين جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يورپي پارليامينٽ ميمبرن راسا جڪنيوسين، فوبيا ماسيمو ڪاسٽالڊو، آنگاهاگا، برن هارڊ زيمنيوڪ، ٿامس زيچو وسڪي ۽ هروجاون شريڪ هئا. ان موقعي تي نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفي گهڻي رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن يورپي پارليامينٽ ميمبرن کي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. نگر??ن پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت پاران معصوم ڪشميرين تي جاري ظلمن جو سلسلو بند ڪرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اظهار جي آزادي جي پابندين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي برادري ۽ انساني حقن ج?? عالمي تنظيمن سان تعاون جي گهرجائو آهيون، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب معصوم ڪشميرين کي انهن جو جائز حق خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنه??جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي معاونت جاري رکندو. نگر??ن پرڏيهي وزير پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس س??ن پڻ ملاقات ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فورغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي يورپي يو??ين?? بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ نگر??ن پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.