اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته پاڪستان تاريخ جي ٻه واٽي تي هوندي ايتري وڏي انگ ۾ غيردستاويزي ماڻهن کي رهائش ڏئي پنهنجي قومي سلامتي تي وڌيڪ ٺاهه نه ٿو ڪري سگهي، اسان جو حتمي مقصد هڪ محفوظ، وڌيڪ پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي جوڙجڪ آه?? جنهن سان اسان جي پنهنجي ماڻهن، خطي ۽ دنيا جي لاءِ وسيع تر فائدا هجن. نگران و??يراعظم ”دي ٽيلي گراف“ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ لکيو ته سڄي دنيا جون حڪومتون تڪرارن، موسمياتي تبديلين ۽ اقتصادي موقعن سان و??ڳيل وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي هڪ نئين دور موجب پنهنجو پاڻ کي ان موجب تيار ڪري رهيون آه??. هن چيو ته برطانيا جي حڪومت جو غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي روانڊا موڪلڻ ??و منصوبو انهي دٻاءُ جي علامت هو، ان تجويز تي سخت بحث ۽ اسڪيم کي پٽڙي تان لاهڻ ??ي وڏين ڪوششن پاليسي سازن جي لاءِ وڏن چئلينجن جي عڪاسي ڪئي ڇو ته اهي انساني حقن کي سخت حقيقتن سان متوازن ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته فرانس به منهن ڏئي رهيو آه?? جڏهن ته اٽلي خدشو ظاهر ڪيو آه?? ته اهو يورپ جو پناهگير ڪئمپ بڻجي سگهي ٿو، تازن سالن ۾ ڪيترن ئي ملين پناهگيرن جي لاءِ پنهنجون راهون کولڻ کانپوءِ جرمني به دٻاءُ محسوس ڪري رهيو آه?? ۽ ملڪ بدري جي نئين سخت قدمن جو اعلان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آمريڪا ۾ به صورتحال آسان نه آه?? جڏهن ته پاڪستان ??و مسئلو بلڪل مختلف نوعيت جو آه??، گذريل ٽن کان چئن ڏهاڪن دوران چار کان پنج ملين جي جي لڳ ڀڳ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ اچي چڪا آه?? جيڪي آئرلينڊ جي آبادي جي برابر آه??. نگران و??يراعظم لکيو ته 1951ع جي پناهگيرن جي ڪنوينشن (۽ ان جي 1967ع جي پروٽوڪول) تي صحيحون نه ڪرڻ جي باوجود اسان وڏي دل سان پناهگيرن کي جڳهه ڏني آه??. هن چيو ته مهمان نوازي پاڪستان جي ڊي اين اي ۾ آه?? ۽ هي ملڪ پنهنجي قانوني، اخلاقي ۽ انساني ذميوارين کي پورو ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته اسان ڊگهو عرصو جيترن ماڻهن کي جڳهه ڏئي سگهياسين پئي انهن کي هتي رکڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي جڏهن ته جن جو هتي رهڻ جو ڪو حق به نه هو انهن کي به رضاڪاراڻي طور تي ملڪ ڇڏڻ جي لاءِ مناسب موقعو ڏنو. نگران و??يراعظم چيو ته رضاڪاراڻي طور تي وطن و??پسي جي ڪيترن ئي موقعن جي باوجود ۽ غيردستاويزي رهندڙن کي رجسٽر ڪرڻ جي لاءِ ڪيترين ئي حڪومتي ڪوششن جي باوجود هڪ ذڪر جوڳي انگ مستقل طور تي پنهنجي حيثيت کي باقاعده بڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جتي پاڪستان ڪيترن ئي محنتي ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن مان فائدو کنيو آه?? اتي ان وڏي انگ جي اچڻ جي مجموعي سماجي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي ??ي وڏي قيمت ادا ڪئي آه??. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو بليڪ مارڪيٽ ۾ ڪم ڪن ٿا، ڪو ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن، اهي ڏوهاري انڊر ورلڊ جي استحصال جو پڻ شڪار آه??، انهن جا خطي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن سان رابطا به آه??. هن چيو ته آگس?? 2021ع کان گهٽ ۾ گهٽ 16 افغان شهرين پاڪستان جي اندر خودڪش حملا ڪيا آه?? جڏهن ته 65 دهشتگرد ماريا ويا آه??، سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ مار??ي ويل دهشتگردن خاص طور تي سرحدي علائقي ۾ انهن جي سڃاڻپ افغاني طور ڪئي وئي. هن چيو ته ڪا به ذميوار حڪومت اهڙي طرح جي خدشن کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن به اسان اها ڳالهه عبوري افغان حڪومت آڏو اٿاري انهن اسان کي پنهنجي اندر ڏسڻ ??و مشورو ڏنو، اسان آخرڪار پنهنجي گهر کي ترتيب ڏيڻ جي لاءِ انهن جي مشوري تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??. هن چيو ته پاڪستان پاران و??ن و??پسي جي پروگرام انهن ماڻهن پاران متوقع تنقيد کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو جيڪي مسئلي جي ڏکئي تاريخ کي نه سمجهندا هئا يا پوءِ زبردستي ملڪ بدري کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ غيرمعمولي ڪوششن جو ادراڪ نه رکندا هئا. هن چيو ته وطن و??پس موڪليو ويندڙن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت پروگرام ۾ شامل سمورن عهديدارن کي سختي سان هدايت ڪئي آه?? ته اهي ڊي پورٽ ٿيندڙن ??و مناسب احترام ۽ سارسنڀال ڪن، اسان جو زور ماڻهن جي ملڪ بدري نه پر رضارڪاراڻي، محفوظ ۽ باوقار وطن و??پسي (انهن جي قانوني طور تي حاصل ڪيل اثاثن سان گڏ) تي آه??، افغانستان و??پس ويندڙن مان اٽڪل 93 سيڪڙو رضارڪاراڻي طور تي ائين ڪيو آه??. هن چيو ته اهم ڳالهه اها آه?? ته رجسٽريشن ڪارڊ جي ثبوت لاءِ درخواست ڏيندڙ 1.46 ملين افغانين مان ڪنهن کي به واپس نه ڪيو ويو آه?? ۽ نه ئي انهن 8 لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جن وٽ افغان شهري ڪارڊ آه??. هن چيو ته اٽڪل 79 ٽرانزٽ مرڪز قائم ڪيا ويا آه?? جن ۾ مفت کاڌو، پناهگاهه ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آه?? جڏهن ته عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان – افغان سرحد تي اضافي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آه??. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي سرحدي گذرگاهن تائين وٺي وڃي رهيا آه??، عورتن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکيو پيو وڃي، ڪنهن به بدسلوڪي جي اطلاع ڏيڻ جي لاءِ ايمرجنسي هيلپ لائينز دستياب آه??. نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آگس?? 2021ع ۾ افغانستان مان اولهندي اتحادين جي اوچتو انخلا پاڪستان ۾ پناهگيرن جي هڪ نئين آمد کي جنم ڏنو، هزارين افغان شهري اهو چئي سرحد پار آيا ته انهن جي جان کي خطرو آه??، هڪ ڀيرو ٻيهر اسان انهن جي ڀلائي کي تمام سنجيدگي سان و??تو، اهو تسليم ڪندي ته ڪجهه کي خصوصي تحفظ جي ضرورت هوندي آه??. هن چيو ته اسان خطري ۾ ورتل گروپن، جهڙوڪ موسيقارن، صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي ملڪ بدر نه ڪنداسين جڏهن ته اسان کي ٻين ملڪن جي مدد جي ضرورت آه??. هن چيو ته نئين ايندڙن مان رڳو 59033 کي پاڪستان کان ٻاهر آباد ڪيو ويو جڏهن ته 42068 اولهه وڃڻ جا منتظر آه??. هن چيو ته باقي ماڻهو سياسي پناهه جي لاءِ ڪنهن کي قائل ڪرڻ وارو ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آه?? ۽ انهن پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي پنهنجو قيام جاري رکيو آه??.