اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلاف ورزي تي اير??ن جي سفير کي ملڪ بدر ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائ?? جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪست??ن جي خودمختياري جي اش??عال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ??ن جو ڪو جواز نه آهي. پاڪستان ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏي?? جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان انهن کي اهو به ٻُڌايو آهي ته پاڪستان ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائ?? جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت اير??ن جي دوري تي آهي ان کي چيو ويو آهي ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.