اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين?? وفاقي ادارن جي آفيسرن کي ٻاهرئين ملڪ سر??اري ۽ نجي دورن جي ڏنل اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به پرڏيهي دوري جي لاءِ ايڪس پا??ستان ليو نه ڏني وڃي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونين ۽ وفاقي ادارن ۾ شامل ماتحت ادارن، خودمختيار ادارن جي آفيسرن کي ڏنل غيرملڪي سر??اري يا نجي دورن جي اجازت واپس وٺي ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن غيرملڪي دوري جي لاءِ ايڪس پا??ستان ليو نه ڏني وڃي. سڀئي وفاقي سيڪريٽريز کي چيو ويو آ??ي ته اهي انهن هدايتن تي مڪمل عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائين.