اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي ??ي) نگران وزيراعظم انوا??ال??ق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي توانائي، لاجسٽڪس، خو??اڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالمي معاهدن تي تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان م??قعي تي نگران وزيراعظم سمورين ??زارتن کي 5 ڏينهن تائين ??اڳاپيل شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي صلاحيت رکندڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم سمورين ??زارتن کي عالمي سيڙپڪاري جي لاءِ قابل عمل منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات، سامونڊي معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، توانائي، خو??اڪ جي تحفظ وارن نگران وفاقي وزيرن، ڊپٽي چيئرمين م??صوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.