اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر ??عجاز گهرو وزارت جي ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد ۽ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد گهرو وزير سان گڏ هئا. ڪنٽرول روم تي آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گهرو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني. گهرو وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل سٺي طريقي س??ن جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار واقعو پيش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پولنگ جي عمل جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي ??ه قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏ??ي ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي س??ن مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گهرو وزير ڪامن ويلٿ جي آبزرور مشن جي س??براهه جوناٿن سان گڏ سيف سٽي اسلام آباد جو دورو پڻ ڪيو جتي آءِ جي اسلام آباد شهر ۾ امن امان ۽ پولنگ جي حوالي س??ن تفصيلي ب??يفنگ ڏني. آءِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي س??ن جاري آهي، في الحال ڪا شڪايت ناهي ملي.