اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) ترڪه جي صدر رجب طيب اردوان ??هباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان ??و وزيراعظم چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم اخوت ۽ ڀائيچاري جي ان ??حسن قدم تي صدر اردوان ??ا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي وچ ۾ پا??يد??ر ٻنڌڻ ۽ مضبوط مذهبي ۽ ثقافتي رابطا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط رشتي جو بنياد آهن. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ترڪي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ صدر اردوان ??ي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود دوستي جي مضبوط رشتن کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطين مسئلي جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، جامع ۽ پا??يد??ر حل جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.